World TB Day Article by Dr.Hazoorah Shaikh

هر سال، سڄي دنيا ۾ 24 مارچ تي مختلف نعرن ۽ مقصدي نعري هيٺ “ ٽي بي جو عالمي“ ڏينهن ملهايو ويندو آهي، ته جيئن عوام ۾ ان موتمار بيماريءَ ٽي بي يا سلهه هٿان انساني صحت، سماجي ۽ معاشي نقصانن جي باري ۾ جاڳرتا پيدا ڪري سگهجي. هن سال جو مقصدي نعرو آهي: “هي ئي ته ٽي بي خاتمي جو وقت آهي” Its Time to End TB اصل ۾ 24 مارچ جي تاريخ تي سائنسدان ڊاڪٽر رابرٽ ڪوخ Dr Robert Kochاعلان ڪيو هو ته هن اهي جيوڙا (بئڪٽيريا) ڳولي لڌا آهن، جنهن سان ٽي بي ٿئي ٿي. ان ڳولا سان سلهه جو علاج ممڪن ٿي سگهيو ۽ دنيا اڻٿيڻي مان ٿيڻي جي پاسي وڌي آئي. سنڌ سميت سڄي ملڪ توڙي دنيا ۾ ڪورونا جي وبائي آفت سبب اسان اڄوڪي ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ جيڪي به پروگرام، سيمينار ۽ واڪ طئي ڪيا هئا سي ملتوي ڪري ڇڏيا آهن ته جيئن سرڪار توڙي عوام گڏجي ان وبا سان منهن ڏئي سگهي. آئون هن لکت وسيلي ڪوشش ڪريان ٿي ته ٽي بي جي باري ۾ ڪي اهم ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان، پر ان کان اڳ اوهان کي اهو ٻڌايان ته ڪالهه 22 مارچ کان سنڌ سرڪار ڪورونا جي وبا خلاف جنهن لاڪ ڊائون جو صوبائي اعلان ڪيو آهي، اسان ان کي نطر ۾ رکندي سڄي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ٽي بي جون دوائون پهچائي ڇڏيون آهن ته جيئن اسان هڪ مصيبت سان مقابلو ڪندي ڪنهن ٻي مصيبت ۾ نه داخل ٿيون. صدين کان ٽي بي جي باري ۾ اهو تاثر عام طور سمجهيو پئي ويو ته ٽي بي رڳو ڦڦڙن جي بيماري آهي. ماڻهو سمجهندا هيا ته اها ڦڦڙن کي تندرست رکڻ سان باقي جسم کي ڪجهه نه ٿي ڪري سگهي. جڏهن ته اصل حقيقت اها هئي ته، اها انساني جسم جي مختلف عضون ۽ حصن کي متاثر ڪري ٿي، جهڙوڪ دماغ، هڏا، زنانا عضوا، پيٽ ۽ آنڊن توڙي گڙدن جي ٽي بي. سو، ميڊيڪل سائنس جيئن جيئن ترقي ڪئي ۽ رابرٽ ڪوخ جي ايجاد سان ٽي بي جي دوا ممڪن ٿي سگهي ته انساني جسم جي مختلف عضون ۾ موجود بيمارين جو به پتو پوندو ويو ته اهي بيماريون ڪهڙي دوا سان ختم ٿين ٿيون. سيپٽمبر 2018ع ۾ جڏهن گڏيل قومن جي اعلي سطحي سائنسي وفد جي بريفنگ ۾ دنيا جي ملڪن جي سربراهن کي ٻڌايو ويو ته هي بيماري رڳو گڏيل قومن جي ذميداري ناهي پر دنيا جا سربراهه پڻ ان باري ۾ پنهنجي ذميداري ادا ڪن. ان حڪمت عملي کي ٽي بي خاتمي جي حڪمت عملي End TB Strategy طئي ڪئي وئي. اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان بيماريءَ مان انسانذات جي جند ڇڏائي سگهجي ٿي جنهن لاءِ سڄي دنيا جون حڪومتون ۽ عوام هڪٻئي سان سهڪار ڪن. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن WHO جي انگن اکرن تي نظر وجهندئو ته ان بيماري جا انگ اکر اوهان کي سواءِ عجب ۽ حيرت جي ٻيو ڪجهه به نه ڏئي سگهندا. اوهان کي ٽي بي جي سختي، ڦهلاءَ ۽ ان جي خاتمي جي ڪوششن جي باري ۾ پڻ معلوم ٿي سگهندو. ٽي بي جا اهي مرڪز رڳو ڪنهن هڪ اڌ وڏي شهر ۾ نه پر سنڌ جي 377 هنڌن تي ننڍن ۽ وڏن مرڪزن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ٽي بي جو هڪ به مريض علاج نه ٿو ڪرائي ته ايندڙ سال اهو ڏهن ڄڻن ۾ پنهنجي ٽي بي منتقل ڪري ٿو انهن انگن اکرن موجب، سال 2018ع ۾، دنيا ۾ هر روز 4 هزار ماڻهن ٽي بي ڪري ساهه ڏنو، جيڪي مهيني ۾ هڪ لک 20 هزار ۽ سال ۾ 14 لک 40 هزار ٿين ٿا. جڏهن ته، پاڪستان دنيا جي 30 ملڪن ۾ پنجون نمبر وڏو ملڪ آهي، جتي ٽي بي جا ڪيس پنجين نمبر تي رپورٽ ٿين ٿا. اسان جي ملڪ ۾ ٿلهي ليکي سمجهڻ گهرجي ته هڪ لک ماڻهن مان 265 ماڻهن کي ٽي بي ٿئي ٿي. جيڪي پاڪستان ۾ 5 لک 62 هزار ۽ سنڌ ۾ ان جو 22 سيڪڙو هڪ لک 26 هزار 898 آهي. انهن مان سنڌ ۾ 74 هزار 524 ڄڻا علاج هيٺ آهن جڏهن ته باقي 52 هزار 374 ڄڻڻ جي باري ۾ يا ته ڄاڻ ڪانهي يا وري انهن کي ٽي بي پروگرام هيٺ ڳوليو پيو وڃي. اوهان ٽي بي وگهي سڄي دنيا ۾ مرندڙ 14 لک 40 هزار ماڻهن تي سوچيو يا روزانو مرندڙ 4 هزار ماڻهن تي سوچيو ته اوهان کي محسوس ٿيندو ته هڪ لحاظ کان اها بيماري ڪنهن به حساب سان ڪورونا کان گهٽ ناهي. پر جيئن ته ڪورونا وبا بڻجي آئي آهي تنهن ڪري ان جو اثر هيبت ناڪ آهي. دنيا جا مختلف ملڪ هاڻي ٽي بي جي بيماريءَ جي باري ۾ آهستي آهستي نه رڳو ڄاڻ حاصل ڪري رهيا آهن، پر انهن ملڪن جي سربراهن کي معلوم ٿي ويو آهي ته عوامي جاڳرتا سان گڏ ضروري قدم کڻڻ سان به ٽي بي جي بيماري کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ٽي بي ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو ماريا؟ اسان کي گهڻو ڪري پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي سلهه وسيلي مرڻ جي خبر آهي. پر دنيا جي نقشي تي نظر وجهجي ته الاهي ڏک ٿئي ٿو ته اسان جي دنيا جا ڪئين خليل جبران، ڪافڪا، چيخوف، جان ڪيٽس، جان آسٽين، ائنڊريو جئڪسن، روسو، رسڪن، شلر، مئڪسم گورڪي ۽ جارج واشنگٽن ان موذي مرض جو شڪار ٿيا. اڃا به ڏک وڌي ٿو جڏهن ڪافڪا 26 ورهين ۾ مري وڃي ٿو ۽ دنيا جا ڪلاسيڪل ليکڪ 40 ورهيه به ڄمار نه ٿا ماڻين، مون اڳي به چيو ته سنڌ ۾ هڪ لک 26 هزار 898 ٽي بي جا مريض آهن. جنهن مان 74524 مريض ڳولي انهن جو علاج ڪيو پيو وڃي جيڪي ڪل جو 59 سيڪڙو ٿين ٿا ، جڏهن ته، 41 سيڪڙو مريض يا ته ٽي بي جو علاج نه ٿا ڪرائڻ چاهين، يا وري ٽي بي جي علاج کي اڌ ۾ ڇڏي ڏين ٿا اڃا به هڪڙو قسم اهڙو آهي جيڪي سڄي گهر کي ٽي بي ته ڏيڻ ۾ نه ٿا هٻڪن پر پنهنجي ٽي بي لڪائين ٿا. 24 مارچ جي اهم ترين ڏينهن تي آئون سڄي سنڌ جي ساڃهه وند ماڻهن کي، شاگردن ۽ آفيسرن ۽ صحت سان واڳيل عملدارن کي گذارش ڪنديس ته هن موذي مرض جي باري ۾ اڃا وڌيڪ عملي اُپاءَ وٺي انهن جي باري ۾ مڪاني سطح تي ڪي حڪمت عمليون ٺاهجن ته پنهنجي عوام جي ڪجهه سڻائي ٿي پئي. اوهان کي اها ڳالهه پڻ ٻڌايان ته سنڌ ۾ جيڪي به نجي ادارا اهن انهن کي ٽي بي جي باري مڪمل ٽررينگ يا تربيت اسانجو ادارو فراهم ڪندو رهي ٿو آخر ۾ وري به اهم ڳالهه ته ٽي بي جي باري ۾ اسان کي عوام کي پهرين ڳالهه اها ٻڌائڻي آهي ته جنهن کي به ٽي بي هجي اهي بنا دير ٽي بي مرڪزن تي اچن. انهن جي لاءِ مفت چڪاسون توڙي علاج موجود آهي. ٽي بي جا اهي مرڪز رڳو ڪنهن هڪ اڌ وڏي شهر ۾ نه پر سنڌ جي 377 هنڌن تي ننڍن ۽ وڏن مرڪزن ۾ موجود آهن. جيڪڏهن ٽي بي جو هڪ به مريض علاج نه ٿو ڪرائي ته ايندڙ سال اهو ڏهن ڄڻن ۾ پنهنجي ٽي بي منتقل ڪري ٿو ( ليکڪه ٽي بي پروگرام سنڌ جي ڊائريڪٽر آهي)

Heinrich Hermann Robert Koch (11 December 1843 – 27 May 1910) was a German physician and microbiologist. As one of the main founders of modern bacteriology, he identified the specific causative agents of tuberculosis, cholera, and anthrax and also gave experimental support for the concept of infectious disease, which included experiments on humans and other animals. Koch created and improved laboratory technologies and techniques in the field of microbiology, and made key discoveries in public health.His research led to the creation of Koch's postulates, a series of four generalized principles linking specific microorganisms to specific diseases that proved influential on subsequent epidemiological principles such as the Bradford Hill criteria.For his research on tuberculosis, Koch received the Nobel Prize in Physiology or Medicine in 1905. The Robert Koch Institute and the Robert Koch Foundation [de] are named in his honour.

Leave a Comment

Your email address will not be published. Required fields are marked *